راولپنڊي- 20 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بنون ۾ دهشتگردن جي ??مل?? کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڌماڪيدار مواد سان ڀريل گاڏي ٽڪرائجڻ سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب 19 نومبر 2024ع تي خوارج بنون جي علائقي ملي خيل ۾ گڏيل چيڪ پوسٽ تي ??مل?? جي ڪوشش ڪئي. جوابي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 خوارجي مارجي ويا. سيڪيورٽي فورسز ??مل?? آورن طرفان پوسٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪو??ش ناڪام بڻائي ڇڏي جنهن کانپوءِ خوارج ڌماڪيدار مادي سان ڀريل هڪ گاڏي کي پوسٽ جي ديوار سان ٽڪرائي ڇڏيو. آپگهات?? ڌماڪي سان پوسٽ جي حد جي ڀت جو هڪ حصو ڪري پيو ۽ ڀرپاسي جي عمارتن کي نقصان پهتو. ان واقعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار 12 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 10 ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا 2 اهلڪار شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ۽ ان ڪڌي عمل جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. اسان جي بهادر پٽن جون اهي قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
سيڪيورٽي فورسز بنون ۾ دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، 6 دهشتگرد مارجي ويا، 12 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena