اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پ?? پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وف??قي وير احسن اقبال چيو آهي، ته گوادر ايئرپورٽ ۽ سي پ??ڪ ٽو سان پاڪستان لاءِ خوشحالي جون نيون راهون کلنديون. گذريل ڏينهن هن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ??ين جي مدد سان سي پ??ڪ ٽو شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته ??ين جي سهڪار سان ويجهي مستقبل ۾ 5 اقتصادي راهداريون به کوليون وينديون. هن چيو ته بلوچستان جي ماڻهن لاءِ ڪاروباري سرگرميون وڌائڻ لاءِ گوادر ۾ ڪارگو حب قائم ڪري سگهجي ٿو. علائقائي رابطن لاءِ شنگهائي سهڪار تنظيم جي ڪردار تي تبصرو ڪندي هن چيو ته ريل ۽ روڊ جا رابطا وچ ايشيائي رياستن ۽ يورپ سان ڪاروباري لاڳاپن کي مضبوط بڻائيندا. ه?? سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خطي جي ان حصي ۾ اقتصادي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ گوادر ۽ عمان جي روٽس کي بحال ڪري سگهجي ٿو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر