اسلام آ??اد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ايران ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي سبب ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پ??يس ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت طرفان ايران جي عوام ۽ حڪومت لاءِ ??مد??دي ۽ يڪجهتي جو پيغام ڏنو. وزيراعظم فوت ٿيل ماڻهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم حادثي ۾ زخمي ٿيلن جي جل?? صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ ايران جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهيون. ٻئي پاسي وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ ايراني صدر ۽ ايران جي عوام سان ايران ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي سبب ٿيل قيمتي جانين جي نقصان ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان جون ??مد??ديون ۽ دعائون متاثڙ ماڻهن جي وارثن سان آهن. پاڪستان مشڪل جي هن گهڙي ۾ پنهنجي ايراني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ايران ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي سبب ٿيل جاني نقصان تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار