اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني قوم وڌيڪ جامع معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري، عضون جو عطيو انساني همدرديءَ جو هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو ??رورتمند?? کي زندگي جو هڪ نئون موقعو فراهم ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سڃاڻپ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ سومر ڏينهن سڄي دنيا ۾ سڃاڻپ جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، اڄ جي ڏينهن اسان معاشري ۾ سڃاڻپ جي اهميت اجاگر ڪريون ٿا، سڃاڻپ جو تعلق رڳو سڃاڻپ سان نه آهي پر اهو هڪ هم جهتي اصطلاح آهي، جنهن سان معاشري جي هر ماڻهو کي قومي فيصلن ۾ پنهنجي نمائندگي ۽ ضروري خدمتن تائين پهچ ملي ٿي. وزيراعظم ??يو ته اڄ جي ڏينهن مو?? کي هڪ اهم قومي قدم جي شروعات جو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي، جنهن جو مقصد عضون جي عطيي کي فروغ ڏيڻ آهي. ان قدم تحت جيڪو ??ه ماڻهو رضاڪاراڻي طور تي عضوا عطيو ڪرڻ جي لاءِ پاڻ کي ر??سٽرڊ ڪرائيندو ان جي قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي هڪ مخصوص لوگو پرنٽ ڪيو ويندو، جيڪو ??نساني زندگي بچائڻ جي حوالي سان ان ماڻهو جي عزم جو اعتراف هوندو. هن چيو ته عضون جو عطيو انساني همدرديءَ جو هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو ??رورتمند?? کي زندگي جو هڪ نئون موقعو فراهم ڪري سگهي ٿو. آئون سمورن شهري?? کي ان قدم ۾ حصو وٺڻ ۽ زندگي بچائيندڙ ڪميونٽي جو حصو بڻجڻ جي ترغيب ڏيان ٿو. وزيراعظم ??يو ته سڃاڻپ جي قومي ڏينهن جي جذبي کي نظر ۾ رکندي آئون سمورن پاڪستاني?? کي درخواست ڪريان ٿو ته اهي هڪ وڌيڪ جامع معاشري جي تعمير جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪن، جتي هر ماڻهو جي حق?? کي ورهايو وڃي ۽ انهن جو احترام ڪيو وڃي. آئون شهرين، سول سوسائٽي ۽ حڪومتي ادارن کان مط??لب?? ڪريان ٿو ته اهي سڃاڻپ بابت آگاهي ۽ تعليم جي ڪلچر کي فروغ ڏين، ان ڪوشش ۾ اسا?? کي ٽيڪنالاجي جي اهم ڪردار کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. موجوده قومي ر??سٽريشن ۽ بايوميٽرڪ نظام جي وچ ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ خدمتن تائين په?? کي آسان بڻائڻ ۽ سڃاڻپ جي تصديق جي درستگي جي لاءِ جديد ڊيجيٽل حل جو انضمام هجڻ گهرجي. وزيراعظم ??يو ته اسان جي حڪومت انهن پاليسي?? کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي جيڪي اسان جي شهرين جي وچ ۾ اعتماد کي فروغ ڏين ۽ شهري فرضن ۾ وڌ کان وڌ شرڪت جي حوصلا افزائي ڪري ان مقصد جي لاءِ شفافيت ۽ جوابدهي انتهائي اهم آهي. انهن ئي پاليسين جي لاڳو ڪرڻ سان جمهوري نظام وڌيڪ مضبوط ٿيندو.
پاڪستاني قوم وڌيڪ جامع معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil