اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ فع??ل ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، هن اعتمادسازي جي قدمن جي ذريعي علائقائي تعاون کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ايشيائي رابطن ۽ اعتمادسازي ??ار?? قدمن ??ار?? ڪانفرنس (سيڪا) جي بنيادي مقصد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايشيائي رابطن ۽ اعتمادسازي قدمن ??ار?? ڪانفرنس (سيڪا) جي جنرل سيڪريٽري سفير ڪيرات سريبي ملاقات ڪئي. وزيراعظم اعتمادسازي جي قدمن ذريعي علائقائي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سيڪا جي بنيادي مقصد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن تڪرارن جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ، تڪرارن کان بچڻ جي حڪمت عملي تي عمل پيرا ٿيڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڊگهي مدي ??ار?? حل تيار ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 26 – 2025ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ فع??ل ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار به ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ سيڪا جي جاري ڪوششن کي ساراهيو. سيڪريٽري جنرل سريبي وزيراعظم کي سيڪا جي جاري سرگرمين ۽ قدمن سان گڏوگڏ مستقبل جي لاءِ تجويز ڪيل ويزن بابت آ??اهه ڪيو. هن سيڪا ۾ پاڪستان جي فع??ل ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيندي ويجهو تعاون جاري رکڻ جي اميد ظاهر ڪئي.
پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام