اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري سانوڻي ۾ وڻڪاري مهم لاءِ پيغام ۾ چيو آهي، ته سانوڻي ۾ وڻڪاري مهم 2024ع جي ??روعات تي ما??ولياتي تحفظ طرفان پا??ستانين جي پختي لگن تي دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيان ٿو، هي مهم صرف هڪ موسمي قدم ناهي، پر پنهنجي پياري ملڪ جي قدرتي حسن ۽ وسيلن جي ??حفظ کي هٿي وٺائڻ لاءِ قومي فرض جو هڪ اهم پاسو آهي. هن چيو ته وڻ زندگي جو اثاثو آهن، تازي هوا فراهم ڪن ٿا، آبهوا بهتر بڻائين ٿا ۽ هڪ ما??ولياتي نظام جي قيام ۾ مدد ڏين ٿا. وڌندر ما??ولياتي مسئلن کي نظر ۾ رکندي وڻڪاري جي ??هميت وڌي وئي آهي. اسان جي پياري پيغمبر به وڻ لڳائڻ ج?? ترغيب ڏني، اوهان جو فرمان آهي ته جيڪڏهن قيامت قائم ٿي وڃي ۽ توهان مان ڪنهن به شخص جي هٿ ۾ کجيءَ جو ٻوٽو هجي ۽ ان کي قيامت قائم ٿيڻ کان پهرين ٻوٽي لڳائڻ ج?? مهلت ملي وڃي ته هو ان ٻوٽي کي لڳائي ڇڏي. هن وقت ملڪ جي ٽوٽل ايراضي جو صرف 5 سيڪڙو حصو جنگلن جو آهي، ڪاٺين جي وڌندڙ گهرج ۽ ٻين زميني استعمال سبب جنگلن تي شديد دٻاءُ آهي، سانوڻي جي موسم وڻڪاري مهم لاءِ اسان جي ما??ول تي بهترين اثر وجهڻ ۽ نوجوان نسل لاءِ هڪ سرسبز ۽ صحتمند مستقبل محفوظ بڻائڻ ج?? موقعو آهي. صدر مملڪت چيو ته ٻيلن کي هٿي وٺائڻ پا??ستان جي ??رقياتي ايجنڊا ۾ اولين ترجيح آهي. اپ اسڪلڊ گرين پا??ستان پروگرام تحت وڏي پئماني تي ٻوٽا لڳائڻ ج?? هدف حاصل ڪيو ويو آهي ۽ ان کي عالمي سطح تي به تسليم ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڊيلٽا بليوڪاربن جي قدمن تحت پا??ستان 1990ع کان مينگرو وز جي ??يراضي ۾ 300 سيڪڙو واڌ ڪري مينگرو وز جي ??حالي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، موسمياتي تبديلي جي ??ثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ 20 لک کان وڌيڪ مينگرو وز لڳايا ويا، جنهن سان عالمي ما??ڪيٽ ۾ ڪاربن ڪريڊٽس جي واپار سان 27 ملين ڊالرز به ڪمايا ويا. دي ليونگ انڊس پروگرام جو مقصد ٻيلن جي ڪٽائي روڪڻ آهي ۽ ان سان گڏيل قومن جي ڏهاڪي جي ??حالي جو فليگ شپ ايوارڊ مليو آهي. هن چيو ته مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته حڪومت ڪميونٽي جي ??عاون کان سواءِ جهنگلي وسيلن کي هٿي وٺائڻ ۽ تحفظ نٿي ڪري سگهي،انهي لاءِ معاشري جي مختلف طبقن جي ??موليت اڻٽر آهي ۽ مون کي اميد آهي ته هو ان نيڪ ڪم ۾ پنهنجو حصو ضرور وجهندا. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اسان جي نوجوان نسل موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ ٻيلن جي ڪردار جي ??هميت کي آگاهه هجي ۽ اسان هن اهم مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سگهه وڌائڻ، تعليم ۽ نواڻ کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي.مان سمورن پا??ستانين خاص ڪري نوجوانن کي گذارش ڪيان ٿو ته هو سانوڻي جي وڻڪاري مهم 2024ع ۾ اڳيان وڌي حصو وٺن ۽ وڌ کان وڌ وڻ لڳائي ملڪ ۾ ٻيلن کي هٿي وٺائڻ ج?? قومي مقصد حاصل ڪري سگهجي. اچو اسان هن مهم جي پائيداري لاءِ اسان جي ??زم ۽ هن سر زمين لاءِ اسان جي محبت جي ??لامت بڻايون. مون کي يقين آهي ته اسان سڀئي گڏجي هڪ سرسبز ۽ شاداب پا??ستان جو مقصد حاصل ڪري سگهون ٿا.
وڻ زندگي جو حصو آهن، آبهوا بهتر بڻائڻ ۽ هڪ ماحولياتي نظام جي قيام ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا: آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ