اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي 78 هين آزادي جي ڏهاڙي تي پوري پاڪستاني قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته آزادي ڏهاڙو خودمختياري جي حق لاءِ ڀارتي مسلمانن جي تاريخي سياسي جدوجهد جو نقطه عروج آهي، هڪ پرامن ۽ جمهوري جدوجهد جي ذريعي پاڪستان جو قيام تاريخ جو هڪ بي مثال ۽ بينظير باب آهي، اسان پاڪستان جي لاءِ اڻ ڳڻيون قربانيون ڏيندڙ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ پنهنجي وڏن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي 78 هين آزادي جي ڏهاڙي 14 آگسٽ 2024ع ج?? موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي ا??تل??فن کي مٿانهون رکي ملڪ جي اتحاد، سالميت ۽ معاشي استحڪ??م جي لاءِ پرعزم ٿي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جي ملڪ کي بي شمار انساني ۽ قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي ۽ اها اسان سڀني جي ذميواري آهي ته عو??م جي ڀلائي جي لاءِ انهن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيون، اسان کي قانون جي حڪمراني، جمهوري ادارن جي استحڪام ۽ عوامي مفاد ۾ دل ۽ جان سان ڪم ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته قوم جون اسان سان ڪيتريون ئي اميدون واڳيل آهن ۽ اسان کي عوامي امنگن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گ??رج??، اسان کي قائداعظم جي فرمان ”جيڪڏهن اسان هن عظيم ملڪ پاڪستان کي خوش ۽ خرم ۽ خوشحال بڻائڻ چاهيون ٿا ته اسان کي پنهنجو سمورو ڌيان ماڻهن خاص طور تي عوام ۽ غريب طبقي جي ڀلائي تي ڏيڻ گ??رج??“ مان تحريڪ حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اهو ئي وقت آهي ته اسان پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي نوجوانن ۽ عورتن تي سيڙپڪاري ڪريون، خدمتن جي فراهمي بهتر بڻايون ۽ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪريون. صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ اسان کي آزادي جو جشن ملهائيندي 7 ڏهاڪن کان پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ پنهنجي ڪشميري ۽ فلسطيني ڀائرن کي پڻ ياد رکڻ گ??رج??، اڄ اسان غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطيني عو??م جي جائز حقن جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته اچو، وچن ڪريون ته اسان عو??م جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪنداسين ۽ پاڪستان کي هڪ خوشحال ملڪ بڻائينداسين. الله تعاليٰ اسان جو حامي ۽ ناصر هجي. آمين!.
آزادي ڏهاڙو خودمختياري جي حق لاءِ ڀارتي مسلمانن جي تاريخي سياسي جدوجهد جو نقطه عروج آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔