اسلام آباد -03 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزير??عظ?? ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊ??ر پاڪستان حڪومت ۽ عوام طرفان اسماعيل هانيه جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته اسماعيل هانيه شهيد جو بي رحماڻو قتل عالمي قانونن ۽ سفارتي اصولن خلاف آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب نائب وزير??عظ?? ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊ??ر ايران جي وقتي پرڏيهي وزير علي باقري ڪني کي ڪالهه ٽيليفون ڪئي. ايران جي وقتي پرڏيهي وزير تهران ۾ اسماعيل هانيه جي قتل تي ايراني قوم ۽ قيادت جي گهري غم جو اظهار ڪيو. نائب وزير??عظ?? اسحاق ڊ??ر پاڪستاني عوام طرفان اسماعيل هانيه جي شهادت تي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. نائب وزير??عظ?? چيو ته وزير??عظ?? پاڪستان غزه ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ اسماعيل هانيه شهيد جي بي رحماڻي قتل جي شديد ت??ين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ٻئي پاسي پاڪستان جي قومي اسيمبلي گڏيل طور هن مڪروهه فعل جي مذمت ڪئي آهي. اسماعيل هانيه شهيد جو بي رحماڻو قتل عالمي قانون، سفارتي اصولن ۽ دنيا وچ ۾ قابل قبول ترز عمل جي خلاف آهي. ايراني وقتي پرڏيهي وزير نائب وزير??عظ?? سان ان معاملي تي پرڏيهي وزيرن يج سطح تي گهرايل او ??ءِ سي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي به درخواست ڪئي. نائب وزير??عظ?? او ??ءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس گهرائڻ جي مڪمل حمايت ڪئي. نائب وزير??عظ?? ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته پاڪستان ان اهم اجلاس ۾ وڌي ڪري حصو وٺندو.
سينيٽر اسحاق ڊار جو وقتي ايراني پرڏيهي وزير کي ٽيليفون، اسماعيل هانيه جي شهادت تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج