بشڪيڪ – 22 – ??ئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغز جمهوريه جي پرڏيهي وزير ڪلوبايف زين بيڪ مولدوڪانووچ سان تفصيلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان پاڪستان ۽ جمهوريه ڪرغزستان جي وچ ۾ پراڻي دوستاڻي لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ را??طن کي مضبوط بڻائڻ ??ي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ڪرغزستان ۾ پاڪستانين سميت غيرملڪين جي خلاف تشدد جي تازي افسوسناڪ واقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ڪرغز حڪومت پاران بدامني دوران حالتون معمول تي آڻڻ ۽ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ ??ي لاءِ ان جي فوري قدمن تي ٿورا مڃيا. نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستانين جي خلاف تشدد جي تازين ڪاررواين جي ذميوارن جو ??هيراءُ ڪيو ويندو. ڪرغز پرڏيهي وزير امن امان جي بحالي جي لاءِ ڪرغز عملدارن پاران کنيل قدمن جي وضاحت ڪئي ۽ فسادن ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري، ڪيس هلائڻ ۽ سزا ڏيڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم ڪرغز جمهوريه ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين سميت سمورن غيرملڪين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير سان تفصيلي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس