اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترقي بابت سعودي فنڊ جي حصيداري سان گرين انرجي ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين منصوبن سان اقتصادي بحالي جو سفر تيز ٿيندو. سعودي فنڊ ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ 107 ملين ڊالر جي مالياتي معا??دن سان نه رڳو صارف توانائي حاصل ٿيندي پر مقامي آبادي کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيلن جي واڍيءَ روڪڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سعودي فنڊ فار ڊيولپمينٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان بن عبدالرحمان المرشد جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزي??اع??م سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ صحت، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ تعليم جي شعبن ۾ پاڪستان کي مالي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ ترقي بابت سعودي فنڊ جي ڪوششن کي ساراهيو. سي اي او، ايس ايف ڊي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي سان گڏوگڏ قومي سول ايوارڊ هلال قائداعظم عطا ڪرڻ تي وزي??اع??م ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزي??اع??م آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هائيڊرو پاور اسٽ??شن?? جي تعمير جي لاءِ سعودي فنڊ ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ 107 ملين ڊالر جي مالياتي معا??دن تي صحيحن کي پڻ ساراهيو، ان سان نه رڳو صاف توانائي حاصل ٿيندي پر مقامي آبادي کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيلن جي واڍيءَ کي روڪڻ ۾ پڻ مدد ملندي. سي اي او سعودي فنڊ وزي??اع??م سان جاري منصوبن بشمول مهمند هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، گولن گو?? هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، مالاڪنڊ ريجنل ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ ۽ سعودي گرانٽس جي ذريعي شروع ڪيل ٻين منصوبن بابت ٻڌايو. وزي??اع??م سعودي فنڊ جي تعاون کي ساراهيندي سعودي فنڊ جي حصيداري واري گرين انرجي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ نئين منصوبن جي پروسيسنگ کي تيز ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو جنهن سان اقتصادي بحالي جو سفر تيز ٿيندو. سي اي او ايس ايف ڊي گڏيل منصوبن تي جلد اڳڀرائي جي خاطري ڪرائي ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ پڻ ڪيو ته سعودي عرب شاهي خاندان جي قيادت ۾ پاڪستان کي هر ممڪن مدد ۽ مسلسل تعاون فراهم ڪندو. وزي??اع??م سعودي فنڊ جي سي اي او ۽ وفد جي ميمبرن جا ٿورا مڃيا ۽ شاهي خاندان جي سمورن ميمبرن خاص طور تي خادم الحرمين الشريفين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ترقي بابت سعودي فنڊ جي حصيداري سان گرين انرجي ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين منصوبن سان اقتصادي بحالي جو سفر تيز ٿيندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ