لاهور – 23 – اپريل (اي پي پي) ايران جو صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچي ويو. پنجاب جي وز??راعليٰ مريم نواز شريف سينيئر صوبائي وز??ر مريم اورنگزيب سان گڏ ايراني صدر جو علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو. ٻارن معزز مهمان کي گلدستو پيش ڪيو. پنجاب جي وز??راعليٰ مريم نواز شريف ايراني صدر سان پنجاب ڪابينا جو تعارف ڪرايو. ان موقعي تي صوبائي ڪابينا جا ميمبر سينيئر وز??ر مريم اورنگزيب، اطلاعات واري وز??ر عظمي?? بخاري، ناڻي وارو صوبائي وز??ر مجتبيٰ شجاع الرحمان، سينيٽر پرويز رشيد، خوراڪ وارو صوبائي وز??ر بلال ياسين، صحت وارو صوبائي وز??ر خواجه سلمان رفيق، صنعت وارو وز??ر چوڌري شافع حسين، ايراني قونصل جنرل مهراڻ مواحد فر، چيف سيڪريٽري زاهد اختر زمان، آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس