اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڪاميابي جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ڌرين ??ي جاري منصوبن جي وقت ??ر تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چين جي نائب پرڏ??هي وزير سن ويڊونگ ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم چيني نائب پرڏ??هي وزير ۽ سندس وفد جي ميمبرن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آڪٽوبر 2023ع ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي لاءِ بيجنگ جي پنهنجي ??ور?? کي ياد ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته هو صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي پاڪستان جي لاءِ گرمجوشي جي جذبن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. هن چيني قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڪاميابي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ ٻنهي ڌرين ??ي جاري منصوبن جي وقت ??ر تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات دوران پاڪ چين لاڳاپن کانسواءِ علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيني نائب پرڏ??هي وزير ملاقات تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ کيس ??ور?? دوران ٿيندڙ مختلف ملاقاتن بابت آگاهه ڪيو. هن چيني قيادت پاران نگران وزيراعظم کي خصوصي مبارڪباد ڏني. نائب پرڏ??هي وزير چيو ته چين ۽ پاڪستان ???مضبوط ڀائر“ آهن. هن يقين ??ياريو ته چين پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سدائين هڪ اعتماد جوڳو حصيدار رهندو.
پاڪستان ۽ چين کي سي پيڪ جي جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil