ڪراچي – 11 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽ?? جي چيئرمين بلاول ڀٽو زر??اري چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ به آئين جي پاسداري آهي، نفرت ۽ ورڇ جي سياست جو خاتمو ۽ اقليتن سميت سمورن پٺتي پيل طبقن کي سماجي انصاف رڳو پيپلزپارٽي ڏياري سگهي ٿي، پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ جي تاريخي تقرير ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته نئين رياست ۾ سمورن شه??ين کي هڪ جهڙا حق ۽ مذهبي آزادي حاصل هوندي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زر??اري اقليتن جي قومي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پيپلزپارٽي اقليتن جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ جي حوالي سان سدائين عادلاڻو قابل عمل موقف اختيار ڪيو، 1973ع جو آئين پيپلزپارٽ?? جي موقف جو هڪ واضح مثال آهي، جيڪو سمورن اقليتن کي هڪ جهڙن حقن جي ضمانت ڏي ٿو. بلاول ڀٽو زر??اري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي وزارت عظميٰ جي دور جي دوران اقليتن جي مسئلن جي حل ۽ انهن جي ترقي ۽ ڀلائ?? جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا. بينظير ڀٽو اقليتن جي لاءِ جيڪي انقلابي قدم کنيا انهن ۾ اقليتي معاملن واري وزارت قائم ڪرڻ پڻ شامل آهي. بلاول ڀٽو زر??اري چيو ته 11 آگسٽ تي اقليتن جي قومي ڏهاڙي طور ملهائڻ جو فيصلو ڪرڻ تي اڳوڻي صدر آصف علي زر??اري کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي غيرمسلمان ڪارڪنن کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن تي ٽڪيٽ ڏياري ۽ سينيٽ ۾ به پنهنجي غيرمسلمان ڪارڪنن کي ڀرپور نمائندگي ڏني ۽ ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ پنهنجي حڪومت جي ڪابينا ۾ به اقلي??ي برادري کي سڀ کان وڌيڪ نمائندگي ڏني. بلاول ڀٽو زر??اري چيو ته غيرمسلمان شه??ين جي حقن ۽ ڀلائ?? جي لاءِ حوالي سان به پيپلزپارٽ?? جيڪا قانونسازي ۽ عملي قدم کنيا آهن، ان جو ڪ?? مثال نه ٿو ملي. آئون ملڪ جي سمورن اقليتن کي ملڪي ترقي ۾ ڪردار تي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جي حفاظت ۽ وسيع قومي اتفاق ۽ اتحاد جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.
اقليتن جي حقن جو تحفظ به آئين جي پاسداري آهي، نفرت ۽ ورڇ جي سياست جو خاتمو ۽ اقليتن سميت سمورن پٺتي پيل طبقن کي سماجي انصاف رڳو پيپلزپارٽي ڏياري سگهي ٿي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن