اس??ام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تربيت يافته پيراميڊيڪل اسٽاف جي سهولت لاءِ بل 2023ع جي توثيق ڪري ڇڏي جنهن تحت اس??ام آباد جي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ ٻارن کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ جي لاءِ تربيت يافته پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي لازمي قر??ر ڏني وئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اس??ام آباد جا سمورا نجي اسڪول ??نهنجي اڱڻ ۾ ضرورت موجب ٻارن کي ميڊيڪل امداد جي فراهمي ??اءِ پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي يقيني بڻائيندا. وفاقي حڪومت سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ ضرورت موجب ٻارن کي ميڊيڪل امداد جي فراهمي ??اءِ پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي يقيني بڻائيندي. خلاف ورزي جي صورت ۾ پهرين وارننگ کانپوءِ هڪ لک تائين ڏنڊ ۽ بعد ۾ 6 مهينن تائين قيد جي سزا ڏئي سگهبي. صدر بل جي توثيق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ