ڪراچي – 02 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپنين تي زور ڏنو آه?? ته اهي صحت ۽ زراعت جي شعبن ۾ پنهنجي خدمتن کي وڌائين ۽ عوام تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻن، قومي معيشت ۾ انشورنس سيڪٽر جو حصو خطي جي ٻين مل??ن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آه??، تيزي سان واڌويجهه حاصل ڪرڻ جي لاءِ عوامي سطح تي بهتر ت??خص اجاگر ڪرڻ ۽ آگاهي فراهم ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ وفاقي انشورنس محتسب سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ ”انشورنس سيڪٽر جي ترقي ۾ محتسب جو ڪردار“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت پنهنجي سوشل سيفٽي نيٽ، سرڪاري شعبي ۾ صحت جي خدم??ن جي فراهمي، قدرتي آفتن ۽ حادثن جي صورت ۾ معاوضي جي شڪل ۾ سماجي تحفظ ۽ امداد فراهم ڪري رهي آه?? پر ملڪ جي پوري آبادي کي فائدو پهچائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آه??. هن چيو ته صحت جا خرچ خاص طور تي گهٽ آمدني واري طبقي جي ماڻهن جي لاءِ هڪ اهم مسئلو آه?? ۽ ملڪ ۾ هيلٿ انشورنس جي خدم??ن جا وسيع امڪان موجود آه?? ڇو ته اهي خدمتون نه رڳو موجوده خال کي ڀري سگهن ٿيون پر ضرورت جي وقت تمام گهڻي اهميت به اختيار ڪري سگهن ٿيون. زرعي شعبي جي لاءِ بيمي خدم??ن جي ضرورت تي زور ڏيندي صدر چيو ته زراعت معيشت جو هڪ ٻيو اهم شعبو آه?? جنهن ۾ انشورنس جون خدمتون ۽ مصنوعات محدود آه?? جڏهن ته ان حوالي سان اڳڀرائي پڻ سست رفتاري جو شڪار آه??. تيزي سان ترقي ڪندڙ انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز کي استعمال ڪندي عوام جي انشورنس تائين پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو جڏهن ته عوام جي شڪايتن ۽ فيڊ بيڪ جي لاءِ دروازا کليل رکڻ گهرجن. هن چيو ته انشورنس ڪمپنين کي عوام ۾ پنهنجو بهتر ت??خص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سخت محنت ۽ وڏي پئماني تي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آه??. صدر انشورنس ڪمپنين جي خلاف عوامي شڪاي??ن جي وقت سر حل ۾ وفاقي انشورنس محتسب جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اها ڳالهه حوصلي جوڳي آه?? ته قانوني چاره جوئي بدران ثالثي جي ذريعي تڪرارن جي حل جا مثبت نتيجا سامهون آيا آه??. ان کان اڳ وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل ايف آئي او سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين تي روشني وجهندي ٻڌايو ته شڪايت ڪندڙن کي فراهم ڪيل مالياتي ريليف جو ڪاٿو 2019ع ۾ 410 ملين رپيا هو جيڪو 2022ع ۾ 2.54 ارب رپيا ٿي ويو. هن چيو ته تڪرارن جي حل لاءِ عدالتي ڪارروائي بدران ثالثي جو طريقو اختيار ڪرڻ جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آه??.
انشورنس ڪمپنيون صحت ۽ زراعت جي شعبن ۾ پنهنجي خدمتن کي وڌائين ۽ عوام تائين پهچ وڌائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات