اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان رمضان ??لم??ارڪ جي ٽئين ڏينهن مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي فوج جي ڇاپي، نمازين کي بي دخل ڪرڻ ۽ مسلمانن جي مقدس ترين جاين مان هڪ مسجد اقصيٰ جي تقدس کي پائمال ڪرڻ جي شديد مذ??ت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو قابل مذ??ت آهي ته رمضان ??لم??ارڪ جي مقدس مهيني ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران مسجد الاقصيٰ تي اهڙي طرح جا حملا تازن سالن ۾ هڪ معمول بڻجي چڪا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙيون ڪارروايون نه رڳو فلسطيني ??وا?? جي مذ??بي آز??دي جي بني??دي حق جي سنگين خلاف ورزي آهي پر سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جي مذ??بي جذبن جي پڻ توهين آهي. ترجمان موجب فلسطينين جي خلاف اسرائيلي قابض فوج پاران طاقت جو انڌاڌنڌ استعمال سمورن انساني ۽ انساني حقن جي اصولن ۽ قانونن جي خلاف ورزي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته غيرقانوني ڇاپا هڻي اسرائيل رمضان جي تقدس جو احترام ڪرڻ جي پنهنجي تازي واعدي تان پٺتي هٽي ويو آهي. پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو اسرائيلي جارحيت جي خاتمي جي لاءِ فوري قدم کڻي جيڪي هن سال جي شروع کان خاص طور تي عروج تي آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان فلسطيني ??وا?? ۽ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿو، اسان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو پائيدار حل ۽ منصفاڻي بنيادن تي 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ فلسطيني رياست جنهن جو گ??دي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪريون ٿا.
پاڪستان پاران رمضان المبارڪ جي ٽئين ڏينهن مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي فوج پاران مسجد اقصيٰ جي تقدس کي پائمال ڪرڻ جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria