اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سزائن ۾ گهٽتائي آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جا??ي بيان موجب جيلن ۾ ره??دڙ قيدين جي سزائن ۾ پنجين حصي جي گهٽتائي ڪئي ويندي. صدر 65 يا ان کان وڏي عمر جي مرد قيدي جيڪي 15 سال يا ان کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪا آهن انهن جي لاءِ باقي سزا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو آهي. 60 سال يا ان کان وڏي عمر جون عورتون جيڪي 10 سال يا ان کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪيون آهن جي لاءِ باقي سزا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. قيد جي سزا جو ٽي ڀاڱي چوٿون حصو ڪاٽي??دڙ قيدين جي سزا تي مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. 20 سال ??ي قيد مڪمل ڪ??دڙ قيدين جي سزا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق موت جي سزا، جا??وسي، گينگ ريپ، بئنڪ ڌاڙي، رياست مخالف سرگرمين، زنا، اغوا ۽ ڌاڙي جي ڏوهارين تي نه هوندو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں