اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ بلوچستان ۾ هيل??ڪا??ٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آرمي چيف سان ڪور ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل س??فر??ز علي، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر ??نرل امجد حنيف، 12 ڪور جي برگيڊيئر محمد خالد، پائليٽ ميجر ??عيد احمد ۽ مددگار پائليٽ ميجر محمد طلحيٰ منان ۽ نائيڪ مدثر فياض جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي انهن جي بلند درجن جي دعا ڪئي ۽ انهن جي گهر??ار?? سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ شهيدن جي خ??مت?? کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته قوم جا فرض شناس فرزند بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب امدادي ڪمن ۾ مشغول هئا ۽ انهن پنهنجي خ??مت?? جي ادائيگي ۽ قوم جي خ??مت?? لاءِ انتهائي دل ۽ جان، محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪندي شهادت ماڻي. هن چيو ته بي لوث خدمت جي جذبي سان سرشار اهي سپوت قوم جا محسن آهن. هن آرمي چيف پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران گوادر جي اڳوڻي دوري دوران ڪور ڪمانڊر جنرل س??فر??ز علي سان ملاقات ۽ ان پاران ڏنل بريفنگ جو پڻ ذڪر ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان بريفنگ دوران مون کيس انتهائي قابل، ذهين ۽ فرض شناس آفيسر طور ڏٺو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه صدر کي ٻڌايو ته امدادي سرگرمين دوران خراب موسم جي ڪري حد نگاهه گهٽ ٿي، جنهن جي ڪري هيل??ڪا??ٽر حادثو پيش آيو. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته هيل??ڪا??ٽر جو ملبو حاصل ڪيو ويو آهي ۽ سڀئي فوجي آفيسر شهادت ماڻي چڪا آهن. صدر ٽيليفون تي پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته هو انهن شهيدن جي جنازي ۾ پاڻ شرڪت ڪندو ۽ خاص طور تي انهن جي گهر??ار?? ۽ پونئيرن سان به تعزيت جو اظهار ڪيو.
صدر عارف علوي پاران چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه کي ٽيليفون، بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada