اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وزير سردور عمرزاڪوف ملاقات ڪئي آهي، ملاقات جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان ل??هو?? ۽ تاشقند جي وچ ۾ سياحت، ڪاروباري ر??بطن ۽ عوامي سطح تي ر??بطن کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي ۽ افغانستان ۾ سلامتي ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وزير سردور عمرزاڪوف ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي ازبڪستان سان واپار، زراعت، توانائي ۽ عوامي سطح تي ر??بطن جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو ايندڙ مهيني ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي. وزيراعظم علائقائي ر??بطن ۽ انضمام کي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي سنگ ميل قرار ڏيندي ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم کي ورجايو. وزيراعظم ان موقعي تي علائقائي خوشحالي ??و سبب بڻجندڙ رابطن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ افغانستان ۾ سلامتي ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي افغانستان ۾ انساني بحران جي خاتمي لاءِ انساني ۽ اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي فوري ضرورت کي ورجايو. وزيراعظم ل??هو?? ۽ تاشقند جي وچ ۾ سياحت، ڪاروباري ر??بطن ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي جي اهميت تي زور ڏنو. هن ترجيحي واپاري معاهدي سميت سمورن ال??وا هيٺ ٻطرفن مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن کي حتمي شڪل ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. نائب وزيراعظم سردور عمرزاڪوف وزيراعظم عمران خان کي ازبڪستان جي وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو.
وزيراعظم عمران خان سان ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وزير سردور عمرزاڪوف جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا