اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آهي ته موثر ۽ فعال بلدياتي نظام ملڪي ترقي جو ضامن هوندو آهي، فعال بلدياتي نظام جي ذريعي عوام جا ڪيترائي مسئلا انهن جي چائٺ تي حل ڪري سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پن??اب ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، وزيراعظ?? عمران خان چيو ته بلدياتي نظام جو مقصد اختيارن جي هيٺين س??ح تي منتقلي آهي، هن زور ڏنو ته ان نظام جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي سمورن طبقن خاص طور تي عورتن، نوجوانن، آبادگارن ۽ واپارين کي هڪ جهڙي نمائندگي ڏني وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزير مخدوم ??اه?? محمود قريشي، شفقت محمود، خسرو بختيار، اسد عمر، فواد چوڌري، حماد اظهر، خصوصي مددگار ڊاڪٽر شهباز گل شرڪت ڪئي. پن??اب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان خان، محمد بشارت راجا ۽ ميان محمود الرشيد وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.
موثر ۽ فعال بلدياتي نظام ملڪي ترقي جو ضامن هوندو آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ