اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان هدايت ڪئي آهي ته غير ق??نوني قبضن ۽ غير ق??نوني هائوسنگ ا??ڪي??ن جي خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، منصوبن ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ انهن کي سياسي تنقيد جو نشانو بڻائڻ هروڀرو آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ اينڊ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي باري ۾ جائزه اجلاس ٿيو، ان موقعي تي وزيراعظم ??مر??ن خان چيو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبو لاهور ۽ ملڪ جي مستقبل جي لاءِ اهم آهي. منصوبن ۾ ماحول دوست مٽيريل جو استعمال ڪيو وڃي، گرين اربنائزيشن ماڊل ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته ترقياتي منصوبا شهرين جي سهولت ۽ معاشي ترقي لا??ِ شروع ڪيا آهن، حڪومت غير فعال اثاثن کي سيڙپڪاري جي قابل بڻائي رهي آهي، منصوبن ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ انهن کي سياسي تنقيد جو نشانو بڻائڻ بناجواز آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته غير ق??نوني قبضن ۽ غير ق??نوني هائوسنگ سوسائيٽين خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، ان موقعي تي اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي پهرين مرحلي ۾ سئو ارب روپين جي سيڙپڪاري متوقع آهي.
وزيراعظم پاران غير قانوني قبضن ۽ غير قانوني هائوسنگ اسڪيمن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون