اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف ڪهڙي ڳالهه جي خوشي ملهائي رهيو آهي، ڪنٽونمنٽس جي اليڪشن ۾ سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۾ انهن جي پارٽي جو صفايو ٿي و??و آهي، انهن جي پارٽي سڪڙجي هڪ ريجن جي پارٽي بڻجي چڪي آهي، (ن) ليگ جو پراڻو شيوو آهي جتان اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف، جتان شڪست ملي اتي ڌانڌلي جي واويلا شروع ڪن ٿا، سڄي ملڪ ج?? ڪنٽونمنٽس ۾ ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ پهرين نمبر تي آهي، جيڪڏهن ٿوري به اخلاقي جرئت شهباز شريف ۾ هجي ها ته ان ڳالهه جو ضرور اعتراف ڪري ها ته پهرين نمبر تي پي ٽي آءِ آهي. شهباز شريف جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪنهن پارٽي جي مطالبي جي ڪا حيثيت نه آهي، صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، ماضي ۾ پراڻ?? نظام تحت ٿيندڙ اليڪشن تي ڌانڌلي جا الزام لڳندا رهيا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ئي شفاف اليڪشن جي ضامن آهي، مخالف ڌر هر معاملي تي سياست ڪري پر نظام کي ٺيڪ ??رڻ جي لاءِ ذاتي مفادن کي پٺتي وجهي حڪومت جو ساٿ ڏي. هن چيو ته 2018ع ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست ڏيندڙ هاڻي 2023ع جي اليڪشن ۾ شڪست جا خواب ڏسي رهيا آهن، انشاءَ الله ناڪامي ۽ شڪست 2023ع ۾ به انهن جو مقدر بڻجندي. هن چيو ته وارا لڳائيندڙن ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو، پهريون ڀيرو آءِ ايم ايف وٽ به اهي ئي و??ا. هن چيو ته شهباز شريف صاحب، حڪومت تي تنقيد کان اڳ پنهنجي ضمانت تي لنڊن ڀڄائي و??ي و??ندڙ ڀڳوڙي ڀاءُ کي واپس آڻيو.
شهباز شريف ڪهڙي ڳالهه جي خوشي ملهائي رهيو آهي، ڪنٽونمنٽس جي اليڪشن ۾ سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۾ انهن جي پارٽي جو صفايو ٿي ويو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال