اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي ۽ وچولي درجي جو ڪاروبار ملڪي معيشت جي لاءِ تمام اهم آهي، ماضي ۾ ننڍين صنعت?? کي نظرانداز ڪيو ويو، ننڍي ڪاروبار ڪندڙ?? کي مراعتون ۽ سهولتون ڏنيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي فروغ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت فياض ??ري??، مخدوم خسرو بختيار، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص معاون ڊا??ٽر شهبا?? گل ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊا??ٽر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. صنعت ۽ پيداوار ڊويزن واري سي??ري??ري اجلاس کي تجويز ڪيل ايس ايم ايز پاليسي جي مقصدن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جو ڪاروبار پاڪستان جي ڪل جي ڊي پي جو 40 سيڪڙو حصو آهي، ٽيڪس جي مد ۾ تمام گهڻيون مراعتون ڏنيون پيون وڃن، ايس ايم ايز جي فروغ جي لاءِ ايڪشن پلان جي منطوري وفاقي ڪابينا اڳ ۾ ئي ڏئي چڪي اهي، اسٽيٽ بئنڪ جي نگراني هيٺ ننڍي ۽ وچولي صنعت?? کي قرض ڏنا ويندا، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي سان واڳيل ڪاروبار تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، سمورن حصيدارن سان تفصيلي رجوع ڪيو ويو آهي ته جيئن پاليسي ۾ ڪنهن قسم ج?? جهول نه رهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ايس ايم ايز ملڪي معيشت ۾ اهم ??ري?? حيثيت رکندڙ آهي، ماضي ۾ ننڍين صنعت?? کي نظرانداز ڪيو ويو، اسان جي حڪومت جو ڌيان ننڍي صنعت?? کي سهولتون ڏيڻ تي آهي. هن چيو ته ڪاروبار ۾ آسانين جي پاليسي تحت ننڍي ڪاروبار ڪندڙ?? کي مراعتون ۽ آسانيون ڏنيون وڃن. هن هدايت ڪئي ته تجويز ڪيل ايس ايم ايز پاليسي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي.
ننڍي ۽ وچولي درجي جو ڪاروبار ملڪي معيشت جي لاءِ تمام اهم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا