اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ وزيراعظم جو پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ پاس ٿيندڙ قانون واپس نٿا وٺي سگهجن، سمُورن قائدن ۽ قانونن کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اهي قانون سينيٽ موڪليا ويا آهن، ميث??ق جمهوريت ۾ ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي سينيٽ جُون چونڊُون اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ تي اتفاق ڪن ٿيون، پر 10 سالن جي دوران ان تي عملدرآمد نه ڪيو ويو، حڪومت سپريم ڪورٽ جي اليڪشن س??ارن ۽ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي فيصلن تي عمل ڪيو آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تياري جي آخري مرحلي ۾ آهي. پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته چونڊ سڌارن تي بل پاس ٿيو آهي ان تي مخالف ڌر جو رويو افسوسناڪ رهيو، ڪنهن به ملڪ جي مضبوط جمهوريت جو بنياد صاف ۽ شفاف چونڊن تي هوندو آهي، هن ??يو ته ڪرڪيٽ ۾ نيوٽرل ايمپائر عمران خان آندو، عمران خان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي شور جو خاتمو چاهي ٿو، هن ??يو ته 2013ع جي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي، جي يو آءِ سميت سموري?? پارٽين جا اعتراض هئا، پي ٽي آءِ به ان تي ڀرپور آواز بلند ڪيو، هن ??يو ته ميث??ق جمهوريت ۾ ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي سينيٽ جي اليڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ تي اتفاق ڪن ٿيون پر 10 سالن دوران ان تي عملدرآمد ناهي ڪيو ويو، اهي جيڪو چون ٿا اهو ڪندا ناهن، بغل ۾ ڇري منهن تي مٺو مٺو رهندا آهن، هن ??يو ته 2008ع کان 2018ع تائين 10 سالا حڪومت ۾ ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي هڪ ٻئي جي خلاف ايوان ۾ واڪ آئوٽ، بائيڪاٽ ۽ ليٽر بازي ڪئي آهي، هن ??يو ته 20 -2019ع کان پيل بل پراسيس جي ذريعي پاس ڪرايا آهن، مخالف ڌر کي صرف اين آر او بل ۾ دلچسپي آهي، جيڪونه ملڻ وارو آهي،
قومي اسيمبلي ۾ پاس ٿيندڙ قانون واپس نٿا وٺي سگهجن: فرخ حبيب / بابر اعواڻ
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil