اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪوورنا وائرس ايس او پيز کي نظر انداز ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي ۾ اجلاس منعقد ٿيو. اين سي او سي مان ??ار?? تفصيلن موجب اجلاس ۾ ڪورونا جي حوالي سان صحت جي مختلف رهنما اصولن تي ??مل??رآمد کان آگاهه ڪيو ويو جيڪي سمورن صوبن کي ??ار?? ڪيا ويا آهن. اين سي او سي کي آگاهه ڪيو ويو ته انهن هدايتن تي ??مل??رآمد لاءِ جامع جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي. اين سي او سي ڪورونا وائرس جي وڌندڙ رجحان ۽ موت جي شرح تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي. فو??م کي ٻڌايو ويو ته بيماري ۾ تيزي سان وڌندڙ رجحان نظر اچي رهي آهي ۽ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جو تناسب 7.5 سيڪڙو کي عبور ڪري چڪو آهي، تقريبن وڏن شهرن ۾ مثب ڪيسز جو تناسب 5 سيڪڙي کي عبور ڪري چڪو آهي، صوبائي انتظاميه کان ايس او پيز تي سختي سان ??مل??رآمد لاءِ فو??ي قدم کڻڻ جو چيو ويو آهي. عوام پاران ايس او پيز تي ??مل??رآمد نه ڪرڻ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. ايس او پيز جي وڏي پئماني تي خلاف ورزي، ماسڪ نه پائڻ، معاشرتي فاصلي کي نظر انداز ڪرڻ سميت حڪمن تي ??مل??رآمد نه ڪرڻ جا وڏي پئماني تي اطلاع ملي رهيا آهن.
اين سي او سي پاران ڪوورنا وائرس ايس او پيز کي نظر انداز ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم