اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ن ليگ ماضي ۾ سدائين ڌانڌلي ۽ فراڊ سان اليڪشن مينج ڪيا، مخالف ڌر جا دليل (ن) ليگ جي ننڍي ذهنيت جو عڪاس آهن، اهي سمجه?? ٿا ته اليڪشن کٽڻ جو پيدائشي حق به اهي ئي رک?? ٿا، جيڪي اعتراض اٿاريا ويا اهي (ن) ليگ جي مائينڊ سيٽ تي ٻڌل هئا، مخالف ڌر جي وڪيل جي دليلن ۾ ڪو به ثبوت نه هو، 2013ع ۽ اڄ جي اليڪشن ڪميشن ۾ فرق آهي، اهي ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ لاءِ پئسو لڳائيندا آهن، مخالف ڌر جي منافق رويي تي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي اسجد ملهي سان گڏ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائ??ند?? ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي دوران م??الف ڌر جي وڪيل مفروضن جي بنياد تي اعتراض اٿاريا، اهي اليڪشن کٽڻ کي پنهنجو پئداشي حق سمجه?? ٿا، انهن جي دليلن ۾ ڪو به ثبوت نه هو ۽ نه ئي ڪو دليل. هنن جيڪي نقطا اٿاريا ان سان م??لم ليگ (ن) جي مائينڊ سيٽ جي عڪاسي ٿئي ٿي، هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ماضي ۾ سدائين ڌئونس، ڌانڌلي ۽ فراڊ جي ذريعي اليڪشن مينج ڪيو، اهي اليڪشن ۾ هر شيءَ کي جائز سمجهندا آهن، وفاقي وزير چيو ته ڪنهن جي خواهشن تي پوري تڪ ۾ اليڪشن نٿو ڪرائي سگهجي، جن پولنگ اسٽيشنن تي اعتراض ناهي ته اتي اليڪشن ٻيهر ڇو ڪرايو وڃي، اليڪشن عوام جي ٽيڪس جي پئسن سان ٿ??ند?? آهي، وفاقي وزير چيو ته اسان چونڊ ڌانڌلي جي خلاف 2013ع ۾ پنهنجي جدوجهد جو آ??از ڪيو، ان وقت جي اليڪشن ڪميشن ۽ اڄوڪي اليڪشن ڪميشن ۾ فرق آهي، اڄ اليڪشن ڪميشن تي ڪو به دٻاءُ نه آهي، هي خودمختيار ادارو آهي.
ن ليگ ماضي ۾ سدائين ڌانڌلي ۽ فراڊ سان اليڪشن مينج ڪيا: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات