اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ايران جي سرڪاري خابرو ايجنسي (ارنا) جي بي??رو چيف سيد بهادر حسيني ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته خبرن جي مٽاسٽا ?? ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون ۾ فروغ سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو ۽ ان طرح جي قدمن سان ٻنهي پاسن کان عوام ۾ سڌي سنئين رابطي کي ف??وغ ملڻ سان گڏوگڏ سفارتي لاڳاپن ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو. ايراني سرڪاري خابرو اداري ارنا جي بي??رو چيف بهادر حسيني تهران ۾ ارنا جي هيڊ آفيس جو د??رو ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ ل??ءِ اي پي پي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻه طرفي لاڳاپن کي ف??وغ ڏيڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي، ان موقعي تي ايم ڊي اي پي پي مسعود ملڪ ايندڙ سال ارنا جي صدر آفيس جو د??رو ڪرڻ جي دعوت قبول ڪندي چيو ته ميڊيا ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
ايراني خابرو ايجنسي جي بيورو چيف جي اي پي پي جي ايم ڊي مسعود ملڪ سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن