اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته جاگرافيائي بيهڪ سبب پاڪستان ۽ اومان فطري اتحادي آهن، ڪراچي، گوادر ۽ مسقط جي وچ ۾ فيري سروس شروع ڪرڻ جي تجويز خوش آئنده آه?? جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي نئين باب جو آغاز ٿيندو، هي سروس انهن هنڌن تي باقاعدگي سان سفر ڪ??دڙ ماڻهن جي وڏي تعداد جي لاءِ اچ وچ جو سستو ۽ متبادل ذريعو فراهم ڪندي. هن اها ڳالهه اومان جي اسٽيٽ ڪائونسل جي صدر ڊاڪٽر يحيٰ محفوظ سليم سان ڳالهائيندي چئ?? جنهن وفد سان گڏ خميس ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حڪومت، عوام ۽ قيادت سلطان قابوس بن سيد السيد ۽ اومان جي ڀائر عوام جو بي حد احترام ڪري ٿي.
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔