پيرس – 07 جون (اي پي پي ) ??سپ??ن اعلان ڪيو آهي ??ه انصاف جي عالمي عدالت ?? ڏکڻ آفريقا پاران غزه ۾ نسل ڪشي جي حوالي سان اسرائيل خلاف ڪيس ۾ ڌر طور شامل ٿيندو. اي ايف پي موجب ??سپ??ن جي پرڏيهي وزير جوز مينول البريس جو پريس ڪانفرنس ۾ چوڻ هيو ??ه اسان جو واحد مقصد جاري جنگ کي ختم ڪرڻ ۽ ٻه رياستي حل جي منصوبي تي اڳتي وڌڻ آهي. پرڏيهي وزير جو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن هفتو اڳ ??سپ??ن آئر لينڊ ۽ ناروي سان گڏجي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هيو. ڏکڻ آفريقا گذريل سال اسرائيل خلاف انصاف جي عالمي عدالت ?? غزه ۾ نسل ڪشي تي ڪيس ڪيو هو. ڏکڻ آفريقا جو چوڻ آهي ??ه اسرائيل جي غزه ۾ جنگ گڏيل قومن جي 1948ع جي نسل ڪشي جي حوالي سان ڪنونشن جي خلاف ورزي آهي. اسرائيل ڏکڻ آفريقا جي الزامن جي ترديد ??ئي آهي. آئي سي جي جمعي تي اسرائيل کي حڪم ڏنو هيو ته هو گڏيل قومن جي مقرر ڪيل جانچ ڪندڙن کي نسل ڪشي جي الزامن جي ج??چ لاءِ بنا ڪنهن رنڊڪ جي غزه تائين پهچڻ ڏي. 26 جنوري جي رولنگ ۾ آئي سي جي اسرائيل کي حڪم ڏنو هو ته هو غزه آپريشن دوران نسل ڪشي جي ڪنهن به فعل کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. تنهن هوندي به ان کانپوءِ به ڏکڻ آفريقا ڪيترائي ڀيرا انصاف عالمي عدالت سان رابطو ڪري غزه ۾ جاري انساني الميي جي ڏس ۾ هنگامي قدمن جو مطالبو ڪيو. 24 مئي تي آئي سي جي اسرائيل کي رفح آپريشن فوري طور بند ڪرڻ ۽ انساني امداد جي غزه تائين پهچ جي لاءِ سرحدي لنگهه کليل رکڻ جو حڪم ڏنو هو.
اسپين پاران انصاف جي عالمي عدالت ۾ اسرائيل خلاف ڌر بڻجڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ