برسلز- 21 فيبروري (اي پي پي)يورپي يونين جي پرڏيهي ۽ سلامتي جي معاملن بابت هاءِ ڪمشنر جوزف بوريل ??يو آهي ته عوام کي اردن درياهه ??ي اولهندي ڪناري ۾ رمضان المبارڪ دوران مسجد الاقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي. هن بر??لز ۾ منعقد ٿيل پرڏيهي وزيرن ??ي اجلاس کان اڳ جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ??يو ته فلسطينين ک?? رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ 11 مارچ کان 09 اپريل تائين مسجد الاقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ سان معاملا وڌيڪ ڇڪتاڻ وارا ٿي ويندا. هن ??يو ته گذريل هفتي به رفح سرحد تي اسرائيل جي حملن ک?? روڪڻ ??ي اپيل ڪئي هئي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ان حوالي سان اسرائيل تي وڌيڪ دٻاءُ وجهڻ جي ضرورت آهي. هن ??يو ته رمضان المبارڪ جو مهينو ويجهو پهتو آهي جيڪڏهن رمضان المبارڪ دوران فلسطينين ک?? مسجد ڏانهن وڃڻ کان روڪيو ويو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. واضح رهي ته اسرائيل جي وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو ??يو هو ته رمضان المبارڪ دوران فلسطينين جي مسجد الاقصيٰ ۾ داخلا محدود ڪئي ويندي.
فلسطينين کي رمضان المبارڪ دوران مسجد الاقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ سان معاملا وڌيڪ ڇڪتاڻ وارا ٿي ويندا: يورپي يونين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب