گڏيل قومون- 03 نومبر (اي پي پي) گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي ڪيوبا تي لاڳو آمريڪا جي اقتصادي ۽ واپاري پابندين خلاف قرارداد کي وڏي اڪثريت سان منظور ڪر?? ورتو آهي. آمريڪا ڪيوبا خلاف هي پابند??ون پهر??ون ڀيرو 1960ع ۾ لڳا??ون هيون، ”ڪيوبا خلاف رياست متحد آمريڪا طرفان لاڳو اقتصادي، واپاري ۽ مالياتي پابندين جي خاتمي جي ضرورت“ جي عنوان سان هر سال پيش ڪيل قرارداد جي حق ۾ جنرل اسيمبلي جي ميمبر 187 ملڪن ووٽ ڏنا صرف آمريڪا ۽ اسرائيل ان جي خلاف ووٽ ڏنو ۽ يوڪرين راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو. راءِ شماري کان اڳ قرارداد تي مسلسل ٻن ڏينهن تائين بحث ٿيو. جنرل اسيمبلي سمورين رياستن کان ان مطالبي جو ورجاءُ ڪيو ته هو گڏ??ل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن تحت پنهنجي ذميوارين موجب پابند??ون لاڳو ڪندڙ اهڙن قانونن ۽ قدمن کي لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪري. ڪيوبا جي پرڏيهي وزير برونو روڊ ريگوز پاريلا چيو ته سندن ملڪ خلاف آمريڪا طرفان 60 سال اڳ لاڳو ڪيل پابند??ون ڪيوبا جي سمورن حقن جي خلاف ورزي آهن. هن چيو ته ڪيوبا جي 80 سيڪڙو آبادي پنهنجي سڄي عمر سندن ملڪ تي آمريڪا طرفان لاڳو پابندين جي حالت ۾ گذاري چڪي آهي، هن وڌيڪ چيو ته سندن ملڪ خلاف آمريڪي پابند??ون اقتصادي جنگ آهن ۽ سندن مقصد ملڪ ۾ حڪومتي ۽ آئيني نظام کي تباهه ڪرڻ جي ڪ??شش آهي. گڏ??ل قومن ۾ پيرو جي سفير لوئس يوگاريلي چيو ته اهي پابنديون گڏ??ل قومن جي چارٽر ۽ انساني حقن جي عالمي قانونن خلاف آهن.
ڪيوبا تي آمريڪي پابندين خلاف قرارداد جنرل اسيمبلي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔