اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اهم گهڻ رخي ۽ ٻطرفي مشنز ۾ پاڪستان جي سفيرن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري ۽ وزارت جي سينيئر ڊائريڪٽر جنرلز پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جا??ي بيان موجب سفيرن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي بابت پنهنجي جائزي، خيالن ۽ 2025ع ۽ ان کانپوءِ جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن تي پنهنجي راءِ پيش ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي اهم خطاب ۾ نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير ٻطرفي ۽ گهڻ رخن ۾ هڪ متحرڪ پرڏيهي پاليسي جو ويزن شيئر ڪيو. هن سڄي دنيا جي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي م??بو?? بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪندي سفيرن تي زور ڏن?? ته اهي پاڪستان جي عالمي ساک کي وڌائڻ ۽ ان جي عالم?? حصيداري کي فروغ ڏيڻ ۾ پ??هنجو ڪردار ادا ڪن. پاڪستان جي سفيرن جو ساليانو اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ هڪ باقاعده ايونٽ آهي جنهن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مختلف رخن ۽ ان کي ٺوس لاڳو ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي ٿي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪستان جي سفيرن جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania