تونسه بئراج/ ڪوٽ ادو – 22 – نومبر (اي پي پي) پنجاب جي وز??را??ليٰ مريم نواز شريف ??يو آهي ته ڪڇي ڪئنال هڪ واهه نه آهي پر پنجاب مان نڪرندڙ بلوچستان جي خوشحالي جو رستو آهي، ان منصوبي تي نواز شريف جي دور ۾ شروعات ٿي ۽ تڪميل به سندس ئي دور ۾ ٿي. تونسه ۾ ڪڇي ڪينال منصوبي جي بحالي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وز??را??ليٰ مريم نواز شريف ??يو ته سڀني کي پنجاب جي ڌرتيءَ تي ڀليڪار چئون ٿا، هي هڪ واهه نه آهي پر پنجاب مان نڪرندڙ بلوچستان جي خوشحالي جو رستو آهي، ان منصوبي تي نواز شريف جي دور ۾ شروعات ٿي ۽ تڪميل به سندس ئي دور ۾ ٿي. هن ??يو ته نواز شريف جي چئني صوبن کي ڳنڍڻ ۽ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ معاشي خوشحالي جي رستي تي شهباز شريف ڪاربند آهي، سندس دل ۾ پاڪستان جو درد آهي ته هو ان جي لاءِ ڪجهه ڪري، ڪيترن ئي س??لن کانپوءِ ملڪ ۾ روزانو خوشحالي جي خبر ??چي رهي آهي، شهباز شريف جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ روزانو پاڪستان جي ڊيفالٽ ڪرڻ جون خبرون اينديون هيون پر هاڻي اسٽاڪ مارڪيٽ تيزي س??ن مٿي، ناڻي واڌ هڪ انگ تي ??چي وئي آهي، ان سان پاڪستانين جي خريداري جي سگهه وڌي آهي، ماڻهو خوش آهن ۽ ڪنهن احتجاج تي ڌيان نه ڏئي رهيا آهن، انهن جو گذريل چئن سالن جي دور ڏوهاري غفلت جو دور هو، انهن جي ايجنڊا گه??را??ُ جلاءُ آهي، پنجاب جي عوام کي ان فتني کان ڪيئن تحفظ ڏيڻو آهي آئون ڄاڻان ٿي، پاڪستان کي الله پاڪ ان فتني کان محفوظ رکي. هن ??يو ته اڄ هر شيءَ ۾ بهتري جو ڪريڊٽ مسلم ليگ (ن) جو آهي. هن ??يو ته ملڪ ۾ جڏهن ترقي ??چي ٿي ته ان وقت مسلم ليگ (ن) اقتدار ۾ هوندي آهي. هن ??يو ته گذريل ڏينهن هڪ گهريلو عورت پاڪستان جي ڀائر دوست ملڪ تي حملو ڪيو آهي، اهو ملڪ پاڪستان جو محسن ملڪ آهي جيڪو سدائين پاڪستان جي مدد لاءِ آيو، ان بيان جي پاڪستان تي اثرن جو انهن کي اندازو نه آهي.
ڪڇي ڪئنال هڪ واهه نه آهي پر پنجاب مان نڪرندڙ بلوچستان جي خوشحالي جو رستو آهي، ان منصوبي تي نواز شريف جي دور ۾ شروعات ٿي ۽ تڪميل به سندس ئي دور ۾ ٿي: مريم نواز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار