اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بوسنيا هرزيگووينا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيون دور اسلام آباد ?? ٿيو. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان پاران جاري بيان موجب اي??يشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) شفقت علي خان پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته بوسنيا جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري جنرل اي??ن دلبرووچ ڪئي. ڌرين اعليٰ اعتماد ?? گڏيل افهام تفهيم جي ماحول ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سموري دائري جو ٺوس جائزو ورتو. هنن سياسي، واپاري، اقتصادي، سماجي، انساني بنيادن تي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀ??ائ?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اي??ن دلبرووچ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان پڻ ملاقات پڻ ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري گڏيل لاڀائتي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ