اسلام آباد- 05 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب س??ن گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير ??ڪرم اڱ??ري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ناڻي واري وزير ??ي مختلف شراڪتدارن، مالياتي ا??ارن، واپاري ۽ سيڙپڪاري بئنڪن، ٻه طرفي شراڪتدارن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ حڪومتي عهديدارن سان منعقد مشاورت ۽ ڳالهين تي عملدرآمد ۽ اڳ??را??يءَ بابت معاملا بحث هيٺ آيا. ان موقعي تي منير ??ڪرم پاڪستان طرفان موسمياتي انصاف جي ضرورت ۽ اهميت کي ا??اگر ڪرڻ، موسمياتي مالي معاونت ۾ اضافي ۽ اُسرندڙ ملڪن جي امداد لاءِ واپاري سڌارن کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوششن تي روشني وڌي. هن ڊيميج اينڊ لاس فنڊ کي جلد کان جلد فعال ڪرڻ، 2021ع جي ا??پيشل ڊرائينگ رائٽس الاٽمينٽ جو 50 سيڪڙو ٻيهر ترقياتي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ جي معاهدي کي لاڳو ڪرڻ ۽ گڏيل قومن ۾ بين الحڪومتي عمل ذريعي سيڪريٽري جنرل طرفان پائيدار ترقيءَ جي هدفن لاءِ تجويز ڪيل قدمن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ عالمي سطح تي پاڪستان جي ڪوششن کي به اجاگر ڪيو. منير ??ڪرم ترقي يافته ملڪن طرفان پنهنجي مجموعي قومي آمدنيءَ جو 0.7 سيڪڙو سرڪاري ترقياتي امداد جي فراهمي جي عزم کي پوري ڪرڻ لاءِ واضح ۽ مختلف وقتن تي ٻَڌل روڊ ميپ واضح ڪرڻ ۽ گڏيل قومن تحت اوسرندڙ ملڪن ۾ پائيدار بنيادي ڍانچي ۾ سرڪاري ۽ نجي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نظام جي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ ڪوششن تي به روشني وڌي ته جيئن قرضن جي بار هيٺيان دٻيل ملڪن لاءِ تيز ۽ منصفاڻي قرض معافي ۽ ري ا??ٽرڪچرنگ جي سهولت فراهم ڪري سگهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania