اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته پاڪستان ڪشميرين جي خ??داراديت واري حق جو مضبوط حامي آهي، ڪشمير مسئلي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو جرئتمنداڻو موقف ڪشمير ڪاز جو پاڪستان جي پختي عزم ۽ پراڻي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي خ??اهش جو ڀرپور اظهار آهي. 27 آڪٽوبر ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي فوجي قبضي جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. هندستان ان ڏينهن ڪشميرين جي جي خ??اهشن ابتڙ پنهنجي فوج ڪشمير ۾ لاهي غيرقانوني طور تي قبضو ڪيو. هن چيو ته ڀار??ي فاشسٽ حڪومت جي ظلمن ۽ ظالماڻين پاليسين باوجود ڪسميري عوام پنهنجي آزادي لاءِ بهادريءَ سان غيرتمند جدوجهد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪشميري عوام والاريل ڄمون ڪشمير کي ڀارت جي قبضي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو. عطاالله تارڙ چيو ته پاڪستان ڪڏهن به دنيا ۾ ڪشميرين جي جائز مقصد جي وڪالت ک??ن پوئتي ناهي هٽيو. پاڪستان هميشه ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي خ??داراديت واري حق جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جو واحد قبولڻ جوڳو حل گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري آهي پر ڀارت ڪشمير جي قانوني حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عالمي برادري ڪشمير مسئلي جو پرامن حل ڳولهڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ڀارت کي انساني حقن جي ڀڃڪڙين کان روڪي. هن چيو ته اسان يقين رکون ٿا ته ڪشميري عوام پنهنجي منزل تائين ضر??ر پهچندو ۽ آزادي جو خواب ساڀيان ٿيندو.
پاڪستان ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جو مضبوط حامي آهي: عطاالله تارڙ
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری