اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پاڪستان ??ي خلاف ڀارتي قيادت جي جارحاڻي بيان ??ازي کي علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو قرار ڏيندي عالمي برادري کان ??ن جو ??وٽيس وٺڻ جو ??طالبو ڪيو آهي، ڀارتي سياستدان چونڊ مقصدن جي لاءِ پنهنجي ملڪي سياست ۾ پاڪستان کي گهيلڻ بند ڪن ۽ حساس اسٽريٽجڪ معاملن تي ذميواري جو ??ظاهرو ڪن. ڀارتي وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ ڪابينا جي ٻين ميمبرن پاران ??ازو ئي پاڪستان ??ابت بيانن جي سلسلي ۾ ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ترجمان چيو ته ڀارتي لوڪ سڀا جي چونڊ مهم دوران مختلف اڳواڻن پاران پاڪستان مخالف بيان ??ازي ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي، اسان ??نهن غيرذميواراڻي بيانن کي رد ڪريون ٿا، جيڪي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن، ٻطرفن لاڳ??پن جي حالت ۽ ائٽمي صلاحيتن سميت ڪيترن ئي ٻين معاملن بابت آهن. ترجمان چيو ته افسوس سان ??هڙي طرح قسم جا پاڪستان مخالف بيان ??تي چونڊ مقصدن جي لاءِ هائپر نيشنلزم جو ??ائدو کڻڻ ۽ وڌندڙ ملڪي ۽ عالمي تنقيد تان ڌيان هٽائڻ جي هڪ مايوس ڪندڙ ڪوشش جي عڪاسي ڪن ٿا، ڀارتي ليڊرن جو طرزعمل هڪ غيرسنجيده ۽ انتهاپسند ذهنيت کي بي نقاب ڪري ٿو، ان ??هنيت سان ڀارت جي تذويراتي صلاحيت جي حوالي سان ??ن جي ذميواري تي سواليه نشان ??ٿاري ٿي، ٻئي طرف پاڪستان ??ي اسٽريٽجڪ صلاحيت جو ??قصد پنهنجي خودمختياري جو تحفظ ۽ پنهنجي علائقائي سالميت جو دفاع ڪرڻ آهي. پاڪستان ماضي ۾ به پنهنجي دفاع جي عزم جو ??اضح طور تي مظاهرو ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن ڀارت پاران ڪنهن به قسم جي حرڪت ڪئي وئي ته مستقبل ۾ به ائين ڪرڻ سان پاسو نه ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته رڳو ڪجهه مهينا اڳ اسان پاڪستاني سرزمين تي ڀارت جي عدالت کان مٿانهين ۽ عالمي قتل جي مهم جي تفصيلن کي بي نقاب ڪيو آهي، پاڪستان ??ي اندر جارحاڻي ڪاررواين جي لاءِ پنهنجي تياري تي ڀارت جو ??سلسل زور جرم جو اعتراف آهي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير بابت اشتعال انگيز بيان ??ازي جي حوالي سان ??سان ??ن ڳالهه جو ??رجاءُ ڪريون ٿا ته تاريخي حقيقتون، قانوني اصول، اخلاقي خدشا ۽ زميني حقيقتون ڀارت جي بي بنياد دعوائن جي ترديد ڪن ٿا، ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون لاڳاپيل قراردادون واضح طور تي ان ??ي حتمي حل لاءِ گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ راءِ شماري جو ??ابند بڻائين ٿيون. ڪي به ڀارتي بيان ??ن حقيقت کي نه ٿا بدلائي سگهن، تنهن ڪري ڀارت کي گهرجي ته هو انهن قراردادن کي عملي جامعو پارائڻ تي ڌيان ڏي. ترجمان وڌيڪ چيو ته اسان ڀارتي سياستدانن تي زور ڀريون ٿا ته اهي چونڊ مقصدن جي لاءِ پنهنجي ملڪي سياست ۾ پاڪستان کي گهيلڻ بند ڪن ۽ حساس اسٽريٽجڪ معاملن تي ذميواري جو ??ظاهرو ڪن، اسان ??المي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڀارتي قيادت جي جارحاڻي بيان ??ازي جو ??وٽيس وٺي جيڪو علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو آهي. ترجمان چيو ??ه ڏکڻ ايشيا ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي ويزن کي ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن حل طلب تڪرارن جي پرامن حل ۽ ٽڪراءُ کان ??عاون طرف منتقلي جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو.
پرڏيهي آفيس پاران پاڪستان خلاف ڀارتي قيادت جي جارحاڻي بيان بازي علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو قرار
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا