دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جمعي ڏينهن دبئي ايڪسپو سٽي پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان ۽ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس دبئي ايڪسپو سٽي اچڻ تي نگران وزيراعظم جي آجيان ڪندا. نگران وزيراعظم اڄ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي شروعاتي سيشن ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس جي سائيڊ لائينز تي نگران وزيراعظم نيدرلينڊ ۽ استونيا جي وزيراعظمن سان ملاقاتون مت??قع آهن. نگران وزيراعظم زيد سسٽين ايبلٽي ايوارڊ جي تقريب ۾ به ش??يڪ ٿيندو. نگران وزيراعظم سان گڏ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، ناڻي واري نگران وفا??ي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، موسمياتي تبديلي وارو نگران وفا??ي وزير احمد عرفان اسلم ۽ توانائي وارو نگران وفا??ي وزير محمد علي به ڪوپ – 28 ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.
نگران وزيراعظم ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي شروعاتي سيشن ۾ شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری