اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ ف??سطين جي س??ار??خاني جو دورو ڪيو ۽ اسرائيل جي هٿان انڌاڌنڌ قتلام جو نشانو بڻجندڙ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل جي بربريت ۽ ان جي غيرمتناسب ردعمل ۾ هزارين بيگناهه ماڻهن جي شهادت جي مذمت ڪري. صدر فوري جنگبندي ۽ خوراڪ، بجلي ۽ پاڻي کان محروم ماڻهن تائين امداد موڪلڻ جي لاءِ هڪ انساني لنگهه کولڻ جو مطالبو ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اسلام آباد ۾ ف??سطين جي سفير احمد جواد ربيع سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چ??و ته پاڪستان سدائين فلسطين سان گڏ بيٺل رهندو ۽ رڳو اهو ئي قب??ل ڪندو جيڪو فلسطينين جي لاءِ قابل قب??ل هجي. ان موقعي تي صدر چ??و ته گڏ??ل قومن کي فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلمن تي بحث ڪرڻ گهرجي، گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ قرارداد پاس ڪري. هن چ??و ته اهڙي طرح جي وحشياڻي قدمن سان نفرت جا وڌيڪ امڪان پيدا ٿين ٿا جنهن سان وڌيڪ جنگيون شروع ٿين ٿيون، او آءِ سي کي فلسطين جي حمايت ۾ ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي. صدر چ??و ته پاڪستاني عوام پاران اسان غزه ۾ ٿيندڙ بربريت، اسرائيل جي غيرمتناسب ردعمل ۽ گذريل 30 – 40 سالن کان نسلي فرق جي مذمت ڪريون ٿا. هن چ??و ته اسان مذمت ڪريون ٿا ته ماڻهن کي بيدرديءَ سان ماريو پيو وڃي، غزه جي اسپتال تي بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا، اهو سڀ ڪجهه وڌيڪ تلخي پيدا ڪري ٿو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جنگ اصل ۾ امن جي ڪنهن به امڪان کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏي ٿي. هن وڌيڪ چ??و ته فلسطيني عوام کي پرامن ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کان روڪڻ جي لاءِ رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن، اهڙيون رڪاوٽون ڪڏهن به قائم ناهن رهنديون، عوام انهن کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. هن وڌيڪ چ??و ته جيستائين ٻه رياستي حل کي روڪيو ويندو، ماڻهو ردعمل ظاهر ڪندا رهندا. فلسطيني سفير هن مشڪل وقت ۾ ف??سطين جي س??ار??خاني جو دورو ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. هن غزه ۾ اسرائيل جي قدمن کي فلسطيني عوام جي نسل ڪشي قرار ڏنو. ان کان اڳ صدر فلسطيني س??ار??خاني ۾ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪيا ۽ فلسطيني عوام ۽ وحشياڻي اسرائيلي حملن ۾ پنهنجون جانيون وڃائيندڙ شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.
صدر پاران فلسطين جي سفارتخاني جو دورو، اسرائيل جي هٿان انڌاڌنڌ قتلام جو نشانو بڻجندڙ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina