اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته خساري جو شڪار سرڪاري ادارن جي جلد نجڪاري ڪري عوام جي ٽيڪس جي پئسن کي ضايع ٿيڻ کان بچائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ اي سان لاڳ??پي?? معاملن ب??بت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي پي آءِ اي جي موجوده مالي صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن شمشاد اختر، فواد حسن فواد، هوابازي واري صلاحڪار ايئر مارشل (ر) فرحت حسين ۽ لاڳ??پي?? اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پي آءِ اي جي موجوده مالي صورتحال ۽ نجڪاري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم سان لاڳ??پي?? سمورن قدمن جي هدفن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ باقاعدگي سان ان ب??بت رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين حڪومت ان جي هر ممڪن معاونت ڪندي رهندي. خساري جو شڪار سرڪاري ادارن جي جلد کان جلد نجڪاري ڪري عوام جي ٽيڪس جي پئسن کي ضايع ٿيڻ کان بچائينداسين. هن هدايت ڪئي ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪري جلد کان جلد مڪمل ۽ نجڪاري جي عمل تي اڳڀرائي بابت باقاعدگي سان آگاهه ڪيو وڃي.
نگران وزيراعظم انوارالحق پاران ڪاڪڙ پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena