نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن ل??ڳاپن خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي انهن ل??ڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن ل??ڳاپن تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي انهن ل??ڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم زور ڏيئي چيو ته مند – بارڊر سرحدي مارڪيٽ جي تازي افتتاح سميت ٻيا قدم نه رڳو سرحدي علائقن جي معاشي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندا پر ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم جي واضح اظهار طور تي ڪم ڪندا. ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ”پاڙيسري سڀ ک??ن پهرين“ جي پاليسي علا??قا??ي ترقي ۽ رابطن جي لاءِ پاڪستان جي ويزن س??ن پوري طرح هم آهنگ آهي. نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي لاءِ پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو ک??ندي علا??قا??ي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ ۽ علا??قا??ي رابطن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪ ايران ل??ڳاپن ۾ اعليٰ سطح جي باقاعده مٽاسٽا، اهم علا??قا??ي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙائي ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ مضبوط تعاون شامل آهي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات، اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : apostas quina