نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيويارڪ پهچي ويو. جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير منير اڪرم، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ قونصلر جنرل عامر احمد اتوزئي ۽ ٻين عملدارن سندس استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪ??دو. اجلاس ۾ اٽڪل 150 عالمي اڳواڻ شرڪت ڪندا. نگران وزيراعظم 22 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندڙ پهريون پاڪستاني نگران وزيراعظم هو??دو. 19 کان 26 سيپٽمبر تائين ٿيندڙ اسيمبلي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي اڱڻ ۽ ان جي ڀرپاسي وڏي پئماني تي حفاظتي قدم کنيا ويا آهن. اميد آهي ته پنهنجي خطا?? ۾ ??گران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت ڪيترن ئي علائقائي ۽ عوامي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪ??دو. هو پنهنجي نگران انتظاميا پاران ملڪ جي معاشي بحالي کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوششن بابت پڻ تفصيل سان روشني وجه??دو. ان کانسواءِ نگران وزيراعظم مخ??لف ملڪن جي هم منصبن، عالمي تنظيمن جي سربراهن، فلاحي تنظيمن ۽ ڪارپوريٽ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪ??دو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلا??ي اڳ ۾ ئي نيويارڪ پهچي چڪو آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ پهريون نگران وزيراعظم هو??دو. گذريل هفتي نيويارڪ ۾ هڪ نيوز بريفنگ ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز جي دوري دوران پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) سربراهي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪ??دو. سفير منير اڪرم چيو ته نگران وزيراعظم ايس ڊي جيز جي لاءِ فنانسنگ کي متحرڪ ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪ??دو. پاڪستاني سفير وڌ??ڪ چيو ته نگران وزيراعظم ترقي جي لاءِ مالي مدد بابت هڪ ٻئي سربراهي اجلاس ۾ اهم خطاب پڻ ڪندو جتي هو ترقي جي لاءِ نجي شعبي جي ماليات کي متحرڪ ڪرڻ بابت ڳالهه ڪ??دو. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي هن سال جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس پاران ڀارت جو پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر 26 سيپٽمبر تي اسيمبلي کي خطاب ڪ??دو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيويارڪ پهچي ويو، 22 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو
مضمون کا ماخذ : bolão quina