اسلام آباد / مظفر آباد – 16 – مئي (اي پي پي) پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪ??مير جي اڳواڻن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪ??ي ۽ والاريل سرينگر ۾ ڀارت پاران جي –; 20 ??انفرنس منعقد ڪ??ڻ تي پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪندڙن ۾ پيپلزپارٽي آزاد ڪ??مير جو صدر چوڌري محمد ياسين، مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري لطيف اڪبر، سردار يعقوب، فيصل راٺوڙ، جاويد ايوب، ميان وحيد، جاويد بڍانوي، قاسم مجيد، بازل نقوي، نبيلا ايوب، عامر ياسين ۽ سردار ضياءَ قمر شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم جو ڪشمير معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره پڻ موجود هو. پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪ??مير جي اڳواڻن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي آگاهه ڪيو ته ڀارت ۾ ٿيندڙ جي –; 20 ??انفرنس جو والاريل سرينگر ۾ منعقد ٿيڻ ڪشميرين جي لاءِ ناقابل قبول آهي. هنن بلاول ڀٽو زرداري کي والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ جي –; 20 ??انفرنس دوران مظفر آباد ۽ باغ جي دوري جي دعوت ڏني ۽ درخواست ڪ??ي ته هو ان موقعي تي ڪشميرين جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪري. پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڪشمير جو ڪيس منهنجي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي آزاد ڪ??مير جي اڳواڻن جي باغ ۽ مظفرآباد جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اڳواڻن کي هدايت ڪ??ي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جي –; 20 ??انفرنس منعقد ڪ??ڻ جي حوالي سان سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي آزاد ڪ??مير جي دعوت تي پناهگيرن سان ملاقات پڻ ڪندو ان موقعي تي سول سوسائٽي سان پڻ رابطا ٿيندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري باغ، آزاد ڪ??مير ۾ احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندو ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪندو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي اڳواڻن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی