ڪراچي – 20 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي پائيدار بنيادن تي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ فڪري وسيلن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيند?? چيو آهي ته ملڪ ۾ جدت کي فروغ ڏيڻ جا بي پناهه امڪان موجود آهن. صدر نيشنل ??ئي??يا بئنڪ تحت سر سيد يونيورسٽي آ?? انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ ٿيندڙ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪند?? چيو ته اختراع نظريات جو فروغ صحت ۽ تعليم جي شعبن تي ڌيان نئين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي وقت سر اختيار ڪرڻ ۽ ان سان موافقت سان گڏوگڏ صحيح ترجيحن جو تعين ۽ دانشمنداڻي سياسي فيصلاسازي قوم کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي. ڊاڪٽر عارف علو?? چيو ته نئين خيالن ۽ تصورن انساني ارتقا ۽ منزلون طئي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته قدرتي وسيلن جي ترقي سان گڏوگڏ ملڪ جي پائيدار ترقي جي لاءِ فڪري وسيلن جي ترقي لازمي آ??ي. هن چيو ته ترقي جا خواهشمند ملڪ سدائين صحت ۽ تعليم کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ رکن ٿا ڇو ته صحت جي سارسنڀال جو موثر نظام قوم جي جسماني ۽ ذهني تندرستي کي يقيني بڻائيندي آ??ي ۽ جامع ۽ جديد تعليمي نظام ان جي فڪري ارتقا جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو. انفارميشن ٽيڪنالاجي سڄي دنيا ۾ سڀ کان تيزي سان ترقي ڪندڙ شعبو آهي، جيڪو فنانس، مينوفيڪچرنگ، زراعت، تعليم ۽ صحت جهڙن بنيادي اهميت جي ٻين سڀني شعبن ۾ اڳڀرائي جو اهم جز بڻجي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن جي خيالن جي حوصلا افزائي ذريعي آءِ ٽي جي تيز ترين سفر ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ 22 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جڏهن ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي پليٽ فارم کي خواندگي جي تناسب کي وڌائڻ جي لاءِ خاص طور تي اعليٰ تعليم ۽ فني ۽ پيشيواراڻي تربيت جي فروغ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن وقت سڄي دنيا ۾ 3.4 ملين آءِ ٽي ماهرن جون خدمتون گهربل آهن، جڏهن ته ايندڙ سال 200 بل??ن انٽرنيٽ آف ٿنگس (آءِ او ٽي) آءِ ٽي اسپيڪٽرم ۾ دستياب هجڻ جي اميد آهي. ڊاڪٽر عارف علو?? چيو ته پاڪستان آءِ ٽي سيڪٽر تي ڌيان ڏئي دستياب موقعن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير سيد امين الحق تقريب کي خطاب ڪند?? چيو ته ??ئي??ياز بئنڪ جو بنيادي مقصد اختراعي ??ئي??ياز جمع ڪرڻ آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ 220 ملين آبادي جو 60 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ اهو هڪ اهڙو اثاثو آهي جنهن کي جديد ٽيڪنالاجي سان آراسته ڪري قومي ترقي جي عمل کي تيز ڪري سگهجي ٿو. آءِ ٽي واري وزارت ڪراچي آءِ ٽي پارڪ پراجيڪٽ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي ۾ گيمنگ ۽ ايني ميشن ۾ هڪ سينٽر آف ايڪسيلينس جي قيام لاءِ هڪ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ مان آءِ ٽي جو روانگي واپار 3 بل??ن ڊالر کان وڌي چڪو آهي ۽ حڪومت ان کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. سر سيد يونيورسٽي آ?? انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي چانسلر جاويد انور چيو ته يونيورسٽين کي پنهنجي شاگردن کي نئين ??ئي??ياز ۽ تصورن کي پروان چاڙهيندي انٽر پرينيورشپ کي فروغ ڏيڻ گهرجي ۽ نيشنل ??ئي??يا بئنڪ ان سلسلي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آ??ي. ايسپائر ج?? چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حسن سيد پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ چيو ته هن سال اين آءِ بي جي لاءِ 3700 کان وڌيڪ ??ئي??ياز پيش ڪيا ويا ۽ ان ۾ 30 ??ئي??ياز کي جيوري مختلف شعبن سان انعامن جي لاءِ چونڊيو جنهن ۾ زراعت، آٽو موٽيو ۽ ٽرانسپورٽ ۽ تعليم ۽ تدريس، صحت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مينوفيڪچرنگ، قدرتي وسيلن ۽ خدمتن جا شعبا شامل آهن. گذريل سال 2100 ??ئي??ياز پيش ڪيا ويا هئا ۽ انهن مان 18 کي فاتح طور چونڊيو ويو هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 2022ع جي ونر ??ئي??ياز تي ٻڌل 15 اسٽارٽ اپ ڪم شروع ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل ??ئي??ياز بئنڪ جو مقابلو کٽيندڙن ۾ انعام پڻ ورهايا.
پاڪستان جي پائيدار بنيادن تي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ فڪري وسيلن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن