اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏي??ي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر دولت مشترڪه جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ پا??ستاني وفد جي قيادت ڪري ر??ي آهي. پرڏي??ي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏي??ي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر لنڊن ۾ ٿيندڙ 22 هين ڪامن ويلٿ منسٽر فارن افيئرز ميٽنگ ۾ پا??ستاني وفد جي قيادت ڪئي. هن ويسٽ منسٽر ايبي ۾ ڪامن ويلٿ ڊي سروس ۽ بڪنگهم پيلس ۾ دولت مشترڪه جي جنرل سيڪريٽري پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ پا??ستان جي نمائندگي ڪئي. ان موقعي تي مملڪتي وزير عالمي ۽ علائقائي صورتحال بابت پا??ستان جو موقف ۽ پا??ستان سميت اسرندڙ ملڪن تي انهن جي اثرن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن دولت مشترڪه تي زور ڏنو ته اها پائيدار ترقي جي لاءِ هڪ نئون مالياتي ذميوار ماڊل تيار ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪري ته جيئن موجوده قرضن جي بار جي مس??لن کي حل ڪري سگهجي. مملڪتي وزير موسمياتي تبديلي تي عالمي تعاون جي اهميت ۽ موسمياتي موافقت جي لاءِ اهم، اضافي ۽ متوقع مالي وسيلن جي دستيابي جو خاڪو پيش ڪيو. هن ڊيميج فنڊ ۽ ان سان لاڳاپيل انتظامن کي جلد فعال ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. دولت مشترڪه جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس بورڊ آف گورنرز پاران دولت مشترڪه کي جديد بڻائڻ جي قدم جي توثيق ڪئي. پا??ستان بورڊ آف گورنرز جي وائيس چيئرمين جي حيثيت سان انتظاميا ۽ پروگرام تي ورڪنگ گروپ جي قيادت ڪندو. مملڪتي وزير دولت مشترڪه جي تقريبن جي موقعي تي برطانيا جي ترقي واري مملڪتي وزير اينڊريو مچل، گهانا جي پرڏي??ي معاملن ۽ علائقائي انضمام واري وزير شرلي ايور ڪوربوچوي، سريلنڪا جي پرڏيهي وزير ايم يو ايم علي صابري سان ملاقات ڪئي. هن ڪينيا جي پرڏيهي ۽ ڊاسپورا معاملن واري ڪبنيٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر الفريد متوا، ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير واري پارلياماني سيڪريٽري ايم بي رابرٽ اولي فينٽ ۽ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سان پڻ ملاقات ڪئي.
حنا رباني کر پاران دولت مشترڪه جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن