اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف پڪي عزم ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌندا رهنداسين، پاڪستان جي سلا??تي کي چئلينج ڪندڙن کي ڪٿي لڪڻ جي جڳهه نه ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جار?? بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ضلعي ڪرم جي علائقي ۾ دهشتگر??ن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي تي پاڪ آرمي کي خراج تحسين ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيدن صوبيدار شجاع محمد، نائيڪ محمد رمضان، سپاهي عبدالرحمان کي شجاعت ۽ بهادري تي سلام پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف پڪي عزم ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌندا رهنداسين. پاڪستان جي سلا??تي کي چئلينج ڪندڙن کي ڪٿي لڪڻ جي جڳهه نه ملندي. هن چيو ته قوم جون دعائون پنهنجي بهادر فوج سان گڏ آهن. وزيراعظم شهي??ن جي گهرڀاتين سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهي??ن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جميل ڏي.
دهشتگردي جي خلاف پڪي عزم ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌندا رهنداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ