ڪراچي – 10 – آگسٽ (اي پي پي) ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ چيو آهي ته بئنڪ ا??لامي جي تعاون سان ڪمشنر جي نگراني هيٺ منعقد ٿيندڙ پلاٽينم جوبلي پاڪستان آزادي ڏهاڙي فيسٽيول ۾ ڪراچي جي اسڪولن ج?? وچ ۾ تعليم کاتي جي حصيداري سان مختلف مقابلا ??نه?? ۾ تقريري، نعت ۽ ملي نغمن جا مقابلا شامل آهن منعقد ڪيا ويندا. اهو فيصلو ڪمشنر آفيس ۾ سندس صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪولز فرناز رياض، رجسٽرار قاضي عبدالرزاق، اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل عابد قمر شيخ، ڪوآر??ين??ٽر غلام محمد خان ۽ محمد اخلاق شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪمشنر آفيس انهن تقريبن جو شاندار انداز ۾ اهتمام ڪيو آهي ۽ پورو شهرن ان سان ڳنڍيل آهي ??نه?? ۾ بئنڪ ا??لامي تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته تعليم کاتي سدائين ڪراچي جي انتظاميا سان ڀرپور حصيداري ڪئي آهي ۽ مون کي اميد آهي ته مٿي ڏنل ٽئي پروگرام ڀرپور انداز ۾ منعقد ٿيندا.
بئنڪ اسلامي جي تعاون سان پلاٽينم جوبلي پاڪستان آزادي ڏهاڙي فيسٽيول ۾ ڪراچي جي اسڪولن ۾ مختلف مقابلا ٿيندا: ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز