اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) جي 17 هدفن مان 60 سيڪڙو تي عملدرآمد ۾ مقامي حڪومتن جو اهم ڪردار آهي، اسان جي سياسي نظام ۾ بنيادي ڍانچو مقامي حڪومتن جو آهي، هڪ مضبوط بلدياتي نظام ضروري آهي ان سان نه رڳو گورننس ۾ بهتري ايندي پر هيٺئين قيادت پڻ سامهون ايندي، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ڪامياب بلدياتي نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، هاڻي پنجاب ۾ نئين بلدياتي نظام طرف وڃي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس جي صلاحيت کي وڌائڻ جي تربيتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايس ڊي جيز نيشنل ٽاسڪ فورس جو ڪنوينر رياض فتيانه، گلگت بلتستان اسيمبلي جو اسپيڪر امجد علي زيدي ۽ هيڊ آف يورپي يونين اووائڊيو ميڪ موجود هئا جڏهن ته تربيتي ورڪشاپ ۾ گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جي ميمبرن شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير فر?? حبيب پنهنجي خطاب ۾ چيو ته قومي صحت سهولت پروگرام جي ذريعي هر شخص کي 10 لک رپين تائين علاج جي سهولت فر??هم ڪئي پئي وڃي، پرائيويٽ اسپتالن ۾ به نئين شعبن ۽ بيڊز جو انگ وڌايو پيو وڃي، هيستائين 20 لک ماڻهن صحت ان??اف ڪارڊ مان فائدو حاصل ڪيو جن جا 46 ارب رپين جا ڪليمز ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ايس ڊي جيز تحت رڪارڊ ترقياتي پروگرام ڪرايا ويا، پنجاب ۾ ترقياتي ڪمن جي لاءِ 740 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اين ايف سي سان گڏوگڏ صوبائي فنانس ڪميشن پڻ اهم آهي، پنجاب ۾ 369 ارب کان ڊسٽرڪٽ ڊيولپمينٽ پروگرام تي ڪم جاري آهي، حڪومت پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) جي 17 گولز تي سنجيدگي سان عمل ڪري رهي آهي. مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو ته ڪامياب جوان پروگرام کانپوءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام متعارف ڪرائي رهيا آهيون جنهن تحت 5 لک رپين تائين بنا وياج قرض فر??هم ڪيو پيو وڃي، پهريون ڀيرو محروم طبقن کي ڇت جي فر??همي جي لاءِ مورگيج سسٽم آندو آهي، گهٽ آمدني گهرن جي لاءِ آسان قرض ڏنا پيا وڃن، هيستائين 250 ارب رپيا قرض جون درخواستون مليون آهن جن مان 130 ارب جو ??رض منطور ۽ 45 ارب فر??هم ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته پهريون ڀيرو اتفاق راءِ سان هڪ جهڙو نصاب متعارف ڪرايو ويو آهي. ان جو ??قصد تعليم جي شعبي ۾ فرق کي ختم ڪرڻ آهي. پنجاب ۾ اسڪولن جي اپ گريڊيشن، نئين يونيورسٽين ۽ ڪاليجز جو ??يام عمل ۾ آندو ويو آهي. ساليانو 50 هزار اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، 10 ارب رپين سان اسڪلز فار آل پروگرام پڻ جاري آهي.
پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) جي 17 هدفن مان 60 سيڪڙو تي عملدرآمد ۾ مقامي حڪومتن جو اهم ڪردار آهي: مملڪتي وزير فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : números quina hoje