اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت ??ي زور ڏيندي سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پاڪستان ??ي ڀرپور حمايت کي ورجايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز ??ن سعود بن نائف بن عبدالعزيز ??ل سعود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران ??ان ??سلامي اتحاد کي فروغ ڏيڻ ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان ??ن عبدالعزيز ??لسعود جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو ۽ خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ??ي سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي جي ويزن ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پائيدار ڀائراڻن لاڳاپن جي لاءِ اڻٿڪ ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم خاص طور تي مشڪل وقت ۾ پاڪستان ??ي ڀرپور حمايت تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان کي ڏني ويندڙ تازي مالي امداد تي پڻ سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا. سعودي عرب جي خلاف حوثي مليشيا جي حملن جي مذمت ڪندي وزيراعظم عمران ??ان ??عودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پاڪستان ??ي مڪمل حمايت کي ورجايو. وڏي انگ ۾ پاڪستانين جي ميزباني تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم عوامي سطح تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت ??ي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏوهارين جي مٽاسٽا جي معاهدي جي حوالي سان وزيراعظم عمران ??ان ??ميد ظاهر ڪئي ته ان فريم ورڪ جي ذريعي سعودي عرب ۾ پاڪستاني قيدين جي هڪ وڏي انگ کي پاڪستان واپس موڪليو ويندو. شهزاده عبدالعزيز وزيراعظم کي سعودي ولي عهد پاران ??يرسگالي جو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجايو. هن سعودي عرب جي ترقي ۾ پاڪستانين جي مثبت ڪردار جو پڻ اعتراف ڪيو ۽ پنهنجي وزارت سان لاڳاپيل معاملن ۾ پاڪستان ??ان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. پاڪستان ۽ سعودي عرب ڀائراڻن رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي گڏيل اعتماد، هم آهنگي، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي مستقل حمايت تي ٻڌل آهن.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز