اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ادارن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سهولتڪ??ر آفيسرن جي مقرري ۽ خصوصي سيڪشن ۽ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري بيان مجب حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٻيو وڏو قدم کنيو آهي، وزيراعظم وفاقي ادارن ۾ سهولتڪ??ر آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته 39 وفاقي ڊويزنز ۾ اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ سهولتڪ??ر آفيسر مقرر ڪيا وڃن، وزيراعظم 13 وزارتن جي 34 ذيلي ادارن ۾ خصوصي سيڪشن ۽ ڊيڪس قائم ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم جي هداي تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ لاڳاپيل وزارتن کي ان سلس??ي ۾ هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سهولتڪ??ر آفيسر گريڊ 19 کان گهٽ جا نه هوندا ۽ وزارتون سهولتڪ??ر آفيسرن جي مقرري کي نو??يف??ئي ڪنديون. خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته مخصوص سيڪشن ۽ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو پڻ باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ۽ وفاقي ادارا سهولت جي فراهمي بابت آگاهي جي لاءِ پ??ڏيهي وزارت، سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت کي معلومات فراهم ڪن، ان قدم جو مقصد سمنڊ پار پاڪستانين کي آفيسن ۾ درپيش مسئلن جو ازالو ڪرڻ آهي. وزيراعظم آفيس هدايت ڪئي ته سموريون ڊويزنز 13 ڏينهن ۾ ڪارروائي مڪمل ڪري رپورٽ ڏين، ان قدم سان سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ خدمتن جي فراهمي ۽ ٻين معاملن بابت آگاهي ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزارت، اوورسيز پاڪستانين واري وزارت ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پنهنجي طور تي به سهولت جي آگاهي ڏينديون.
وزيراعظم پاران وفاقي ادارن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ سهولتڪار آفيسر مقرر ڪرڻ ۽ خصوصي سيڪشن ۽ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania